شعر ضيا

شعر ضيا

شعر ضيا

شعر ضيا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر پرسرام ضياء جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جيڪو سندس وفات بعد سندس پٽ نارائڻداس ضيا ۽ ڄيٺي لالواڻيءَ جو مرتب ڪيل آهي.
هن ڪتاب ۾ سگريٽ باز جا گفتا- سوٽائيءَ جي عنوان هيٺ شاعري پڻ شامل آهي، جنهن ۾ شاعر ‘سوٽائي’ تخلص ڪم آندو آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌي لوڪ ڪٿائن: سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئيءَ جي حوالي سان شاعري پڻ شامل آهي. ڪتاب جا ٻه اکر، گجرات سنڌي اڪادميءَ جي رجسٽرار هسوياگنڪ لکيا آهن. ٽائٽل تي پرسرام ضياء جي تصوير ڏنل آهي.
214 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي گجرات سنڌي اڪادمي، گانڌي نگر ، 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 33 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو